جاڳيا جنگ جوان ڪتاب جو ٽائيٽل

جاڳيا جنگ جوان ڪتاب جو ٽائيٽل

جاڳيا جُنگ جوان

جاڳيا جُنگ جوان (ڪتاب ):جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمئن بشير خان قريشيءَ جي مختلف تقريرن تي مشتمل هن ڪتاب جا سهيڙيندڙ منصور قادر جوڻيجو ۽ نجم جوڻيجو آهن. هن ڪتاب ۾ بشير خان قريشيءَ جون 10 تقريرون شامل آهن. ان کان سواءِ سينٽرل جيل ڪراچيءَ مان موڪليل هڪ پيغام به شامل آهي. ڪتاب لاءِ پيش لفظ گل محمد جکراڻيءَ جو لکيل آهي، بيڪ ٽائيٽل تي خان قريشي'>بشير خان قريشي جي تصوير سان گڏ منصور قادر جوڻيجي جون سٽون ڏنل آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو جولاءِ 1989ع ۾ ٻيو ڇاپو جنوري 2010ع ۾ آزادي پبليڪيشن، حيدرآباد پاران شايع ڪيو ويو. ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان هن ڪتاب ۾ ڪل 147 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت 180 روپيا آهي.





هن صفحي کي شيئر ڪريو